راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته 15 ڏينهن سسرال ۾ گذارڻ خوف جي ڳالهه ناهي.اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ لال حويلي واپسي تي شيخ رشيد چيو ته ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن مون تي ڳري رهيا، 15 ڏينهن سسرالي گهر ۾ گذاريم، گهٻرايو نه، منهنجو فون، واچون ۽ پئسا گهرڻ گهرجن. واپس ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪيس داخل ڪندس.هن چيو ته ساڍا 7 سال قيد ڪاٽي چڪو آهيان، الله کانپوءِ عدليه ئي پاڪستان کي بچائي سگهي ٿي.ياد رهي ته شيخ رشيد احمد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ضمانت منظور ڪرڻ بعد اڊيالا جيل مان آزاد ٿيو هو.
