اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ريلويز عيدالفطر جي موقعي تي چار اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ريلويز جي ترجمان موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين 16 مارچ تي لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي.
ٻئي عيد اسپيشل ٽرين 17 مارچ تي ڪوئٽه کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي، جڏهن ته ٽئين اسپيشل ٽرين 17 مارچ تي ڪراچي کان پشاور لاءِ رواني ٿيندي.
ريلويز جي ترجمان ٻڌايو آهي ته هي اسپيشل ٽرينون وزير ريلويز جي هدايتن تي هلائي پيون وڃن ته جيئن مسافرن کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪري سگهجن ۽ عيد جي موقعي تي ڪنهن به پريشاني کان بچي سگهجي.
