اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج جي ڪيس مان دهشتگرديءَ جون شقون ختم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پراسيڪيوٽر جنرل کي درخواست ڪئي ته ڪيس مان دهشتگردي جون شقون ختم ڪيون وڃن.پنهنجي درخواست ۾ عمران خان چيو ته ڪيس جي واقعن کي نظر ۾ رکندي دهشتگردي جون شقون کلائيندڙ آهن، ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جون شقون سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ جي فيصلي جي توهين آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته دهشتگرديءَ جو قانون سياسي مخالفن کي دٻائڻ ۽ سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪو تباهه ڪندڙ آهي، اهي حربا به دهشتگرديءَ جي معاملي ۾ حڪومت جي غير سنجيدگي کي ظاهر ڪن ٿا، تنهن ڪري ڪيس مان دهشتگرديءَ جون شقون خارج ڪيون ويون وڃن.
