تہران (ويب ڊيسڪ): ايران جي پرڏيهي وزارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مذاڪرات جي دعويٰ سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪابه ڳالهه ٻولهه يا مذاڪرات نه ٿي رهي آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو ته ايران لاءِ آمريڪا سان سفارتي عمل هميشه “تباه ڪن تجربو” رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن به مذاڪرات جو عمل ٿيو، آمريڪا ايران تي حملا ڪري اعتماد کي ٽوڙي ڇڏيو.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل نو مهينن دوران مذاڪرات جي ڪوششن دوران ايران تي ٻه ڀيرا حملا ڪيا ويا، جيڪي سفارتي عمل سان غداري جي مترادف آهن.
بقائي چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ثالثي جي پيشڪش ڪئي، ۽ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪيترائي پيغام موڪليا ويا، پر ايران جو موقف تمام واضح آهي ته اهو پنهنجو دفاع جاري رکندو.
ايران صدر ٽرمپ جي “نئين گروپ” ۽ “مذاڪرات” جي دعوائن کي سفارتي ڌوڪو قرار ڏنو ۽ چيو ته موجوده جنگي حالتن ۾ ڪنهن به قسم جي معاهدي يا ڊيل جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
