ڪراچي×( ويب ڊيسڪ)موسميات کاتي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ نئين برساتي سسٽم بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت 29 مارچ تائين صوبي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
موسميات کاتي موجب ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي گجگوڙ ۽ تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون۔
کاتي جو چوڻ آهي ته 27 مارچ تي موسم ۾ عارضي وقفو اچي سگهي ٿو، پر 28 ۽ 29 مارچ تي ٻيهر برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي۔ شهر جو وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 79 سيڪڙو ۽ هوائن جي رفتار لڳ ڀڳ 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٻڌائي وئي آهي۔
انتظاميا شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ ماهرن موجب گجگوڙ ۽ تيز هوائن دوران غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڪمزور عمارتن ۽ بجلي جي ٿنڀن کان پري رهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جڏهن ته نشيبي علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔
