موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي ٿرپارڪر عمرڪوٽ، بدين ۽ ميرپورخاص ۾ اڄ ۽ سڀاڻي تيز طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ وڌ دٻاءُ هن وقت اوڀر ڀارت تي موجود آهي موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد مٿانهين ۽ وچولي پنجاب خيبرپختونخواهه ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي ياد رهي ته ان کان اڳ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي هئي ته ڪراچي ۾ 13 سيپٽمب تي شام يا رات ۾ کنوڻ سان گڏ برسات پئجي سگهي ٿي

پنھنجي راءِ لکو