اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) – آئل ٹینکر کنٹریکٹرز ایسوسی ایشن وفاقي حڪومت کي فيول سپلائي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.
ايسوسيئيشن جي صدر عابد اللہ آفریدی سيڪريٽري پيٽروليم کي خط لکي وائٽ پائپ لائن جو ڪوٽا وڌائڻ تي سخت تحفظات ظاهر ڪيا آهن.
خط موجب حڪومت اڳ وائٽ پائپ لائن لاءِ 45 سيڪڙو ۽ آئل ٽينڪرز لاءِ 55 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو هو، جنهن بابت اوگرا ۽ وزارت پيٽروليم سان معاهدو پڻ ٿيل هو. بهرحال، هاڻي وزارت وائٽ پائپ لائن جو ڪوٽا 45 سيڪڙو کان وڌائي 70 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته فيصلي کان اڳ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو، جيڪو معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ان سان آئل ٽينڪرز جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيندو.
صدر ايسوسيئيشن مطالبو ڪيو آهي ته وائٽ پائپ لائن جو وڌايل ڪوٽا فوري طور واپس ورتو وڃي، معاهدي موجب آئل ٽينڪرز جو حصو بحال ڪيو وڃي ۽ ٽينڪرز جي ڀاڙن ۾ به فوري اضافو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ فيول سپلائي بند ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
