ملڪيت جي تڪرار تي پٽن جو پيءُ جي گهر تي حملو، فائرنگ ۾ قيمتي اُٺڻي مري وئي

سرور شهيد ۾ ملڪيت جي تڪرار خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي، جتي نافرمان پٽن مبينا طور پنهنجي پيءُ جي گهر تي حملو ڪيو۔ پوليس موجب ٿاڻي صدر سرور شهيد ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔متاثر بزرگ محمد بخش ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس پٽ زبردستي ملڪيت پنهنجي نالي ڪرائڻ چاهين ٿا، ۽ انڪار ڪرڻ تي هن سان دشمني تي لهي آيا آهن۔ گذريل ڏينهن ملزمان گهر ۾ گهڙي آيا، کيس تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بي دريغ فائرنگ ڪئي۔فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب محمد بخش جي قيمتي اُٺڻي مري وئي۔ متاثر شخص چيو ته پوليس ڪيس ته داخل ڪيو آهي، پر اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو۔هن اختيارين کان انصاف ۽ پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو