آمريڪا ايران سان ممڪن ڳالهين بابت پهريون سرڪاري بيان جاري ڪندي اهم اڳڀرائي جو اشارو ڏنو آهي۔ آمريڪي صدر Donald Trump جي خاص ايلچي Steve Witkoff چيو آهي ته ايراني اختيارين سان ملاقاتون هن هفتي متوقع آهن۔ميامي ۾ هڪ ڪاروباري فورم دوران خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا کي اميد آهي ته ايران ڳالهين لاءِ تيار ٿيندو۔ هن وڌيڪ چيو ته 15 نڪتن تي ٻڌل امن منصوبو پيش ڪيو ويو آهي ۽ ايران جي جواب جو انتظار آهي۔صدر ٽرمپ پڻ پنهنجو موقف ورجايو آهي ته ايران معاهدي لاءِ تيار آهي ۽ جلد اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي۔ وٽڪوف موجب آبنائي هرمز مان تيل کڻندڙ جهازن جو گذرڻ مثبت نشاني آهي۔ذريعن موجب ڳالهين ۾ آمريڪا طرفان اسٽيَو وٽڪوف، Jared Kushner ۽ نائب صدر JD Vance شامل ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ايران طرفان وزير خارجه Abbas Araghchi ۽ اسپيڪر Mohammad Bagher Ghalibaf شرڪت ڪندا۔رپورٽن موجب ممڪن ڳالهين جي ميزباني پاڪستان جي گادي واري شهر Islamabad ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي۔
