سنڌ حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل سبسڊي پروگرام جو اعلان

ڪراچي: سنڌ حڪومت پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ بعد عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ 1.72 ارب روپين جي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي جا مختلف وزير، چيف سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اختيارين جا سيڪريٽريز شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پروگرام جي طريقيڪار، نظام ۽ عملي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. مراد علي شاهه زور ڏنو ته عوامي ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا برداشت نه ڪرڻ جهڙا قدم کنيا وڃن ۽ صوبي جو ٽرانزٽ نظام بنا ڪنهن رنڊڪ جي فعال رهي.

وڏي وزير چيو ته اهي قدم پيٽرول ۽ ڊيزل جي اضافي قيمتن جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ کڻي ويا ويا آهن. ايندهن جي قيمتن ۾ اضافي سبب عوامي ٽرانسپورٽ جي استعمال ۾ گهٽتائي ۽ ڀاڙن ۾ اضافي جو امڪان هو، جنهن کي پروگرام سان منهن ڏنو ويو آهي.

سبسڊي پروگرام تحت:

بس، مني بس ۽ ڪوچز کي في گاڏي ماهوار 2 لک 40 هزار روپيا سبسڊي ڏني ويندي.
ويگن ۽ پڪ اپس کي 50 هزار کان 1 لک روپيا مهيني جي سبسڊي.
مال بردار ننڍين ٽرڪن کي 70 هزار ۽ وڏين ٽرڪن کي 80 هزار روپيا ماهوار سبسڊي ڏني ويندي.
ڊگهي فاصلي جي بسن کي 10 لک 80 هزار روپيا مهيني تائين سبسڊي ڏني ويندي ته جيئن ڀاڙن جو استحڪام برقرار رهي.

انهي سان گڏ، اپريل مهيني ۾ هر رجسٽرڊ موٽر سائيڪل مالڪ کي 2 هزار روپيا رليف طور ڏنا ويندا، جيڪي روزاني سفر لاءِ موٽر سائيڪل استعمال ڪندا.

وڏي وزير چيو ته سبسڊي جي ادائيگي شفاف ۽ بدعنواني کان پاڪ ڊيجيٽل ايپ ذريعي ڪئي ويندي، جيڪا ايڪسائيز کاتي ۽ ٽرانسپورٽ ڊيٽابيس سان ڳنڍيل هوندي. مستحقن جي بينڪ اڪائونٽس ۾ سڌو سنئون رقم منتقل ڪئي ويندي.

مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ 15 ڏينهن تائين رجسٽريشن آفيسن جا وقت وڌايا وڃن. 172 ارب روپين جي ماهوار سبسڊي پروگرام تقريباً 5 ڪروڙ 70 لک مسافرن کي سهولت فراهم ڪندي.

وڏي وزير چيو ته سبسڊي سان ڀاڙا مستحڪم رهندا ۽ نجي گاڏين جي استعمال ۾ به گهٽتائي ايندي. پروگرام جو مقصد مشڪل حالتن ۾ مسافرن ۽ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ٻنهي جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي.

پنھنجي راءِ لکو