ايران ۾ موجود Iran University of Science and Technology تي مبينا حملي جون خبرون سامهون آيون آهن، جن ۾ دعويٰ ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽي جي مختلف شعبن کي نشانو بڻايو ويو۔
رپورٽن موجب حملي دوران سيٽلائيٽ سان لاڳاپيل مرڪزي ڊپارٽمينٽ، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ، لائبريري ۽ ڪلاس رومز متاثر ٿيا آهن۔ ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته هي يونيورسٽي ايران جي سائنسي ۽ صنعتي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي ۽ هتي عالمي شاگرد پڻ تعليم حاصل ڪن ٿا۔هن واقعي جي اڃا تائين آزاد ذريعن کان مڪمل تصديق سامهون ناهي آئي، پر ماهرن موجب جيڪڏهن تعليمي ادارن کي نشانو بڻايو ويو آهي ته اهو عالمي قانونن ۽ تعليمي آزادي جي اصولن جي خلاف ٿي سگهي ٿو۔
