سکر (ويب ڊيسڪ) : سکھر بورڈ آف انٹرمیڈیٹ اینڈ سیکنڈری ایجوکیشن جي تحت نائين ۽ ڏهين جماعت جي جاري سالياني امتحانن دوران نقل جا ڪيترائي ڪيس سامهون اچي ويا آهن۔
سکر بورڊ جي خصوصي ٽيمن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب مختلف امتحاني مرڪزن تي نقل جا درجنين ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن۔ 30 مارچ کان يڪم اپريل تائين مجموعي طور 929 نقل ڪيس سامهون آيا آهن۔
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيئرمين ٽيم جي نگراني هيٺ سڀ کان وڌيڪ نقل جا ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي صفر رهي۔ ڪيترائي ٽيم ميمبر هڪ به نقل ڪيس رپورٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا۔
چيئرمين تعليمي بورڊ سکر جو چوڻ آهي ته امتحاني نظام ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ نقل روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن۔
