اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) : وفاقي حڪومت اتحادي جماعتن کي يقين ڏياريو آهي ته جيئن ئي وچ اوڀر ۽ عالمي مارڪيٽ جي صورتحال معمول تي اچي ٿي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي ويندي۔
تفصيل موجب وزير دفاع خواجہ آصف جي صدارت هيٺ حڪمران اتحاد جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ اقتصادي صورتحال ۽ خاص ڪري پيٽروليم شين جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو۔
اجلاس ۾ وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزیب، وزير منصوبه بندي احسن اقبال، وزير مملڪت براءِ پيٽروليم علی پرویز ملک ۽ وزير پارلياماني معاملا طارق فضل چوہدری سميت اتحادي جماعتن جا سينيئر قائدين شرڪت ڪئي۔
وزير مملڪت علي پرويز ملڪ اجلاس ۾ شرڪاء کي ٻڌايو ته حڪومت ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي بلا تعطل فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري ۽ هنگامي قدم کنيا آهن۔
اجلاس ۾ موجود سڀني وزيرن پارلياماني ليڊرن کي يقين ڏياريو ته جيئن ئي عالمي حالتون سازگار ٿينديون، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي. گڏوگڏ حڪومت عوام کي ٻين شعبن ۾ به رليف ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪري رهي آهي۔
اجلاس کان پوءِ پارلياماني ارڪان وفاقي حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ايئنهن جي فراهمي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو۔
