آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اهم ڳالهين بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جنهن موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ 10 اپريل تي اسلام آباد ۾ ڳالهين جو امڪان آهي۔
ايراني سپريم سيڪيورٽي ڪائونسل موجب آمريڪا کي پاڪستان ذريعي 10 نڪتن تي ٻڌل تجويز موڪلي وئي آهي، جنهن ۾ جنگ بندي، پابندين جي خاتمي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ منجمد ٿيل ايراني اثاثن جي بحالي شامل آهي۔
ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا، خاص طور تي سي اين اين، رپورٽ ڪيو آهي ته ٽرمپ انتظاميه ايراني عملدارن سان اسلام آباد ۾ ڳالهين جي تياري ڪري رهي آهي۔ رپورٽ موجب آمريڪي وفد ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، جيرڊ ڪشنر ۽ اسٽيو وِٽڪوف شامل ٿي سگهن ٿا۔
ذريعن موجب جي ڊي وينس هن وقت هنگري جي دوري تي آهي، پر اسلام آباد ملاقات سبب سندس دورو مختصر ٿي سگهي ٿو۔ انهن ڳالهين ۾ پاڪستاني عملدار پڻ شرڪت ڪندا۔
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به تصديق ڪئي آهي ته ايران جي 10 نڪاتي تجويز ڳالهين لاءِ مناسب بنياد آهي، ۽ هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻئي ملڪ ڊگهي مدي واري امن معاهدي جي ويجهو آهن۔
ايراني عملدارن موجوده جنگ بندي کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته هو پنهنجي مطالبن تان پوئتي نه هٽندا۔
