قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 4 تڪن ۾ ننڍين چونڊن لاءِ نئين تاريخن جو اعلان

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 4 تڪن ۾ ننڍين چونڊن جي لاءِ نئين تاريخن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 157 ملتان ۽ پي پي 139 شيخو پوره ۾ پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيندي پي پي 241 بهاولنگر پي پي 209 خانيوال ۾ به ننڍين چونڊن جي لاءِ پولنگ 9 آڪٽوبر تي ڪرائي ويندي ننڍين چونڊن جو فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قومي ادارن جي ٻوڏ متاثرين لاءِ امداد ۾ مصروفيت سبب چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪئي وئي هئي التوا ۽ چونڊن جي ٻيهر تاريخ جي حوالي سان اڄوڪو اجلاس طلب ڪيو ويو چئني تڪن ۾ پولنگ جي تاريخ 9 آڪٽوبر تي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي 9 تڪن جي نوٽيفڪيشن معطلي بابت هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ فيصلو حاصل ڪيو ويندو فيصلي تي غور کان پوءِ 9 تڪن ۾ ننڍين چونڊن جي لاءِ اجلاس 14 سيپٽمبر تي ٿيندو ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن ٻوڏ سبب 25.11 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي قومي صوبائي اسيمبلي جي 13 تڪن ۾ ٿيندڙ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون هيون

پنھنجي راءِ لکو