ڪراچي: جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪسٽمز اختيارين ڪامياب ڪارروائي ڪندي سون ۽ پرڏيهي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي۔تفصيل موجب ابوظبي کان ڪراچي پهتل هڪ مسافر ۽ سندس گهروارن جي سامان جي اسڪيننگ دوران مشڪوڪ شيون ظاهر ٿيون۔ بعد ۾ تفصيلي تلاشي دوران وڏي مقدار ۾ سون جا زيور ۽ گولڊ بارز هٿ ڪيا ويا۔ڪسٽمز ترجمان موجب ضبط ڪيل شين ۾ 281 تولا سون جون چوڙيون ۽ انگوٺيون، جڏهن ته 20 تولا وزن جا گولڊ بارز شامل آهن۔ان کان علاوه مسافر وٽان 33 هزار 100 آمريڪي ڊالر ۽ 3 لک 66 هزار يو اي اي درهم به هٿ ڪيا ويا، جيڪي غير قانوني طريقي سان آندا پيا وڃن۔ڪسٽمز اختيارين سون ۽ ڪرنسي ضبط ڪري جوابدار خلاف ڪسٽمز ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
