ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري ۾ 17 هون ڊگري شو (سالياني ٿيسز نمائش) جمعي تي پڄاڻيءَ تي پهتو، اختتامي تقريب ۾ ناليواري صحافي ۽ تجزئي نگار وسعت الله خان، آمريڪا ڄائي سماجي ورڪر ايملي هاز، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي، ڊراما نگار آغا رفيق، ٽي وي مشهور ميزبان سيد سبوق شاهه، ناليواري سينئر صحافي ناز سهتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي وسعت الله خان چيو ته مان گذريل ڀيري جڏهن هن يونيورسٽي ۾ آيس ته ٻارن جو ڪم ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ويس پر هن ڀيري ايئن ناهي هاڻي مان احساس ڪمتريءَ جو شڪار ٿي وڃي رهيو آهيان.
هن چيو ته اسان پنهنجي وقت ۾ دنيا بدلائڻ چاهي پر وسيلا گهٽ هئا جڏهن ته توهان وٽ ميڊيا جو هٿيار آهي، جنهن جي ذريعي توهان ڪاروبار سميت هر شيءِ ڪري سگهو ٿا.شاگردن سان مخاطب ٿيندي هن چيو ته نوجوانن وٽ تعليم، قابليت، سهولتون، هنر، ڪيريئر مطلب هر شيءِ آهي توهان کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي ۽ توهان جو ڪم ڏسي لڳي ٿو ته اڃا تائين توهان جي ذهنن کي زنجيرن ۾ ڪنهن نه جڪڙيو آهي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪي نوجوان ميڊيا جي هٿيار ذريعي ڄامشوري مان ويهي جپان سان يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان رابطو ڪري پنهنجي ڪم کي پذيرائي ڏياري سگهن ٿا ته انهن کي ڪير روڪيندو مان سمجهان ٿو اهو ڪنهن جي وس ۾ ناهي.وسعت الله خان وڌيڪ چيو ته آرٽ رڳودنياوي نه پر روحاني ڪم آهي اسان رڳو ويهي خبرن تي تبصرا ڪيون ٿا پر آرٽسٽ دماغ ۽ روح جوڙين ٿا.ناليواري ڪالم نگار چيو ته مون ڪڏهن به اهڙو سماج ناهي ڏٺو جيڪو آرٽ کان وانجهيل هجي ڇاڪاڻ ته آرٽ ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هر سماج ۾ موجود آهي ۽ اسان وٽ ته اها ڊي اين اي ۾ شامل آهي.ان موقعي تي ٽيليويزن جي مشهور ميزبان سيد سبوق شاهه چيو ته اڄ نوجوانن جو ڪم ڏسي لڳو ته ڄامشورو پٺتي پيل علائقو ناهي پر اسان جا ذهن سوڙها آهن جيڪي هتي ويٺل نوجوانن جو ڪم نه ٿا ڏسي سگهن.هن چيو ته ڪنهن کي شرمندو ڪرڻو هجي ته ڄامشوري جي هن يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو ڪم ڏيکارجي جنهن ۾ نوجوانن انتهائي باريڪيءَ سان وڏو ڪم ڪري اسان کي ڏيندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن.يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڀائي خان شر چيو ته هن ڀيري نوجوانن جي ڪم کي تمام گهڻي پذيرائي ملي آهي ۽ جيڪو به ماڻهو آيو آهي تنهن واهه واهه ڪئي آهي.هن چيو ته اسان جا نوجوان هن سماج جي بهتريءَ ۽ واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ بيچين آهن ۽ نه صرف ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ به پنهنجون صلاحيتون مڃرائي چڪا آهن.نمائش ٻن هفتن تائين جاري رهي جنهن ۾ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جي شاگردن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ مختلف مڪتبهء فڪر جي ماڻهن وقتن فوقتن شرڪت ڪئي. نمائش دوران تقريبن 30 لکن کان وڌيڪ جو سامان وڪرو ٿيو.