بابر اعظم جو عزم: کٽڻ جو تسلسل برقرار رکڻ هدف

بابر اعظم، ڪپتان پشاور زلمي ٽيم جي مجموعي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪنديچيو آهي ته کٽڻ جو تسلسل برقرار رکڻ سندن اهم هدف آهي۔
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران بابر اعظم چيو ته پاڪستان سپر ليگ جي موجوده سيزن ۾ کيڏڻ جو تمام گهڻو مزو اچي رهيو آهي ۽ ٽيم جا سڀ رانديگر هر شعبي ۾ محنت ڪري رهيا آهن۔ هن چيو ته جيڪڏهن اوپنرز سٺو آغاز ڏين ته ٻين رانديگرن لاءِ راند آسان ٿي وڃي ٿي۔بابر اعظم چيو ته هر ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ ماضي جي غلطين مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ريڊ بال ڪرڪيٽ دٻاءُ برداشت ڪرڻ سيکاري ٿي جڏهن ته مختلف ليگز مان به اهم تجربو حاصل ٿيو آهي۔هن چيو ته ٽيم هاڻي تائين ناقابل شڪست رهي آهي ۽ گذريل پنج ميچن جي ڪارڪردگي جو تسلسل برقرار رکڻ اهم آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڏينهن حالتون مختلف هونديون آهن۔هن وڌيڪ چيو ته ٽيم جي ضرورت مطابق بيٽنگ ڪرڻي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽرائيڪ ريٽ برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، پر ٽيم جديد ڪرڪيٽ جي تقاضائن مطابق کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو