لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو، 10 ملڪن پاران گڏيل بيان

واشنگٽن: اقوام متحدہ جي امن فوجين جي هلاڪت کان پوءِ ڪينيڊا، برطانيا، آسٽريليا، جاپان سميت 10 ملڪن لبنان ۾ جاري جهڙپن جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪيو آهي۔گڏيل بيان ۾ آسٽريليا، برازيل، ڪينيڊا، ڪولمبيا، انڊونيشيا، جاپان، اردن، سيراليون، سوئٽزرلينڊ ۽ برطانيا لبنان ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال ۽ وڏي پيماني تي بي گهر ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي۔اقوام متحدہ موجب ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته هڪ امن اهلڪار اسرائيل جي ٽينڪ جي گولي سان جڏهن ته ٻه IED ڌماڪن ۾ مارجي ويا، جن لاءِ حزب الله تي شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي۔اسرائيل پاران حملا تيز ٿيڻ ۽ زميني ڪارروائي وڌڻ سبب لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، جڏهن ته لبناني اختيارين موجب هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ لکين بي گهر ٿي ويا آهن۔ٻئي پاسي حزب الله جا ميزائل حملا جاري آهن، جن ۾ ڪجهه وڏن شهرن کي به نشانو بڻايو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو