شاهنواز ڏاهاڻي جو آپريشن ٿي ويو

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان سپر پي ايس ايل جي فرنچائز ملتان سلطانز جي انجري سبب ايونٽ ٻاهر ٿيندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاھاڻي جو آپريشن ٿي ويو.شاهنواز ڏاھاڻي جي ساڄي هٿ جي آڱر جي سرجري پي سي بي ميڊيڪل پينل جي نگراني ۾ ڪئي وئي.آپريشن کانپوءِ شاهنواز ڏاھاڻي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مداحن کي دعائن جي اپيل ڪئي ۽ لکيو ته منهنجي هٿ جي آڱر جو آپريشن ٿي ويو آهي، سمورن ماڻهن کي دعائن جي درخواست آهي.