راولپنڊي ۾ خوني ڦر، مزاحمت تي واپاري قتل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): راولپنڊي جي علائقي ٿاڻو صدر بيروني جي حد شاهه پور ۾ ڦر جي افسوسناڪ واردات دوران هٿياربند ڦورن مزاحمت تي فائرنگ ڪري هڪ واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس ذريعن موجب ٽن هٿياربند ڦورن دڪان تي ڌاڙو هنيو ۽ هڪ هزار رپيا ڦري فرار ٿي ويا. واردات دوران مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ دڪاندار عبد المالڪ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جاءِ واردات تي پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته شهر ۾ وڌندڙ خوني ڦرن سبب شهرين ۽ واپاري برادري ۾ خوف ۽ ڳڻتي پکڙجي وئي آه

پنھنجي راءِ لکو