ڪنڌرا ۾ پيٽرول اگهن ۾ واڌ خلاف شاگردن جو احتجاج

ڪنڌرا (ويب ڊيسڪ): ڪنڌرا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف اسٽوڊنٽ ڪائونسل پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

احتجاج جي اڳواڻي مخدوم بلال، عباد الرحمان ڪٽپر ۽ محمد حمزا ڪئي. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ سبب عام ماڻهو، خاص طور شاگرد سخت متاثر ٿي رهيا آهن.

هنن چيو ته ٽرانسپورٽ جا خرچ وڌڻ ڪري تعليم حاصل ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي شاگرد مالي مسئلن سبب پڙهائي ڇڏي ڏيڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.

شاگرد اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ فوري طور گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو