جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ): جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي کي ٽن هفتن اندر ٻي وڏي ڏک جو سامنا ٿيو آهي، سندس نوجوان پٽ مير زيد جکراڻي ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج دوران وفات ڪري ويو.
تفصيل موجب مير زيد جکراڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. مرحوم جو مڙهه ڪراچي مان جيڪب آباد منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي سندس تدفين رات دير سان ڪئي ويندي.
ياد رهي ته ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي والد ۽ اڳوڻي ايم اين اي مير بابل جکراڻي 7 اپريل تي لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن بعد هاڻي نوجوان پٽ جي وڇوڙي سبب خاندان تي ٻيهر سوڳ ڇانئجي ويو آهي.
واقعي بعد جيڪب آباد ۾ ماحول غمگين آهي ۽ سياسي و سماجي حلقن پاران افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي۔
