جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ): سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد پهچي ويو، جتي هن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مير اعجاز حسين جکراڻي سان سندس پٽ جي وفات تي عذر خواهي ڪئي.
وڏي وزير جيڪب آباد ۾ جکراڻي هائوس پهچي مرحوم مير زيد حسين جکراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير سعيد غني، سيد خورشيد شاهه، نويد قمر، شبير علي بجاراڻي، گيانچند ايسراڻي، محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔
وفد مرحوم لاءِ دعاءِ مغفرت ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان همدردي جو اظهار ڪيو۔
