شڪارپور:ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ ڊجيٽل گھر ۽ آدمشماري جي لاءِ اينمريٽرن جي پهرين بينچ کي ٽيبليٽ ڊيوائسز سان گڏ و گڏ ضروري سامان ڏنو ويو. اسسسٽنٽ ڪمشنر / سينسس ڊسٽرڪٽ آفيسر شڪارپور عرفان نظاماڻي اينمريٽرن کي آدمشماري ۽ گھرشماري بابت مختلف ھدايتون پڻ ڏنيون.اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور جو چوڻ هو ته پهرين ڀيرو ٿيندڙ ڊجيٽل سينسز ۾ خود شماري ﺟﻮ آپشن موجود آهي. جيڪي خود شماري ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي موبائل فون ذريعي پاڪستان شماريات واري اداري جي ويب سائٽ تان ضروري معلومات حاصل ڪري ڏنل ايپليڪشن جو استعمال ڪندي 20 فيبروري کان 3 مارچ 2023 تائين خود شماري ڪري سگهن.ان موقعي تي عرفان نظاماڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته وڌيڪ معلومات لاءِ سينسز سپورٽ سينٽر يا وري 080057574 تان پڻ مدد وٺي سگهجي ٿي.