خيرپور ۾ 13 سال پراڻي قتل ڪيس جو فيصلو، 3 عورتن سميت 6 جوابدارن کي ڦاسي

خيرپور (ويب ڊيسڪ): خيرپور جي ماڊل ڪورٽ 13 سال اڳ قتل ڪيل عورت جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي 3 عورتن سميت 6 جوابدارن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔
تفصيل موجب 2013ع ۾ خيرپور جي علائقي ابڙي ۾ غلام سڪينه کي اغوا بعد بي دردي سان قتل ڪري لاش لڪائي وئي هئي، جنهن جي ڪيس ۾ عدالت جرم ثابت ٿيڻ تي سخت سزا ٻڌائي۔
عدالت عابد شاهه، نياز شاهه، در محمد، مسمات ڪلثوم، مسمات نثار بيگم ۽ مسمات دلشاد بيگم کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته سڀني جوابدارن تي هڪ، هڪ لک رپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو۔
هي ڪيس ببرلو ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته مقتولا جي وارثن 13 سالن کان انصاف جو انتظار ڪيو ٿي۔
ماڊل ڪورٽ شاهدن ۽ ثبوتن جي بنياد تي سڀني نامزد جوابدارن کي ڏوهاري قرار ڏيندي سخت ترين سزا جو حڪم ڏنو۔

پنھنجي راءِ لکو