ميان چنوں: ننڍي عمر جي شادي ڪيس ۾ دولهي سميت 7 جوابدار جيل حوالي

ميان چنوں ۾ ننڍي عمر جي شادي واري ڪيس ۾ مقامي عدالت اهم ڪارروائي ڪندي دولهي سميت سندس خاندان جا 7 ڄڻا جيل موڪليا آهن۔ پوليس موجب دولهو مبشر ڪمال، سندس پيءُ ۽ ڀائرن سميت ٻين خلاف متاثر ڇوڪري جي ماءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو۔پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ اغوا ۽ ننڍي عمر جي شادي بابت دفعات شامل ڪيون ويون آهن۔ اختيارين موجب نڪاح جي شاهدن ۽ ٻين سهولتڪار ماڻهن خلاف به سخت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔پوليس موجب نڪاح خواں ۽ شاهدن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سڀني ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو