ميان چنوں ۾ ننڍي عمر جي شادي جو ڪيس، گهوٽ سميت 7 ڄڻا جيل موڪليا ويا

ميان چنوں (ويب ڊيسڪ): ميان چنوں ۾ ننڍي عمر جي شادي واري ڪيس ۾ مقامي عدالت اهم ڪارروائي ڪندي گهوٽ سميت هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي۔
تفصيل موجب گهوٽ مبشر ڪمال، سندس والد ۽ ڀائرن سميت ست ڄڻن خلاف متاثر نياڻي جي ماءُ جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو۔
پوليس موجب ڪيس ۾ اغوا ۽ ننڍي عمر جي شادي سان لاڳاپيل قلم شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين ملوث ماڻهن خلاف به ڪارروائي جاري آهي۔
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته نڪاح جا شاهدن ۽ ٻين سهولتڪارن خلاف به سخت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔
حڪامن موجب نڪاح خواں ۽ شاهدن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
پوليس جو چوڻ آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سمورن ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو