پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي تي ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): رويت هلال ريسرچ ڪونسل اڳڪٿي ڪئي آهي ته جيڪڏهن موسم صاف رهي ته پاڪستان ۾ ذوالحج 1447 هجري جو چنڊ آچر 17 مئي 2026 جي شام ڏسي سگهجي ٿو۔
ڪونسل موجب ان صورت ۾ پهرين ذوالحج سومر 18 مئي تي ٿيندي، جڏهن ته عيدالاضحيٰ اربع 27 مئي 2026 تي ملهائڻ جو امڪان آهي۔
سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي موجب نئون چنڊ 16 ۽ 17 مئي جي وچ واري رات پاڪستاني وقت موجب 1 وڳي 1 منٽ تي پيدا ٿيندو۔
هن ٻڌايو ته 17 مئي جي شام سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ 18 ڪلاڪن کان وڌيڪ هوندي، جيڪا چنڊ ڏسڻ لاءِ اهم سمجهي ويندي آهي۔
ڪونسل موجب جيڪڏهن 17 مئي جي شام ڪڪر ٿيڻ سبب چنڊ نظر نه آيو ته ذوالقعد جا 30 ڏينهن مڪمل ڪيا ويندا، جنهن بعد پهرين ذوالحج اڱاري 19 مئي تي ٿيندي۔
رويت هلال ريسرچ ڪونسل اميد ظاهر ڪئي آهي ته هن ڀيري پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ عيدالاضحيٰ هڪ ئي ڏينهن، يعني 27 مئي تي ملهائي سگهجي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو