ٺڪراٺو: مبارڪپور ۾ موٽر سائيڪل چوري، شهري عدم تحفظ جو شڪار

ٺڪراٺو (رپورٽ): ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ چوري جي وارداتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، گذريل رات نامعلوم چور هڪ پورهيت جي نئين موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا۔
تفصيل موجب مبارڪپور شهر ۾ مرغي فروش وزير علي مهتم جي 2026 ماڊل سي ڊي موٽر سائيڪل گهر ٻاهران چوري ٿي وئي۔ واقعي جي فوري اطلاع پوليس کي ڏني وئي، پر موٽر سائيڪل جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو۔
شهري موجب ٿاڻي ۾ اهلڪارن جي کوٽ سبب گشت نه ٿيڻ ڪري شهر ۾ چوريون وڌي ويون آهن، جنهن ڪري ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن۔
پوليس ذريعن ٻڌايو ته موٽر سائيڪل چوري جي اطلاع دير سان ملي ۽ مالڪ اڃا تائين مڪمل تفصيل يا ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ پيش نه ٿيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
ٻئي طرف متاثرہ پورهيت وزير علي مهتم ايس ايس پي سکر کان اپيل ڪندي چيو ته هو هڪ غريب مزدور آهي، مرغي جو ڪاروبار ڪري پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪري ٿو، تنهن ڪري سندس چوري ٿيل موٽر سائيڪل جلد برآمد ڪري واپس ڏني وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو