ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر

غوثپور ٽي ڏينھن اڳ مئن انڊس ھا۽وي تان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل روھڙي واسي پورھيت پير بخش شيخ جي وارثن ۽ جي يو آ۽ جي اڳواڻن جو سندس بازيابي لا۽ مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ مارک ڀيو وٽ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي۔ روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب پنجاب کان سنڌ ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي آھي ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون آھن احتجاج جي اڳواڻي جي يو آ۽ جا اڳواڻ ياسين اوڳاھي۔ فوجي اصغر اوڳاھي۔فريد احمد ۽ پرويز شيخ ڪري رھيا آھن۔ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ضلعي ڪشمور ۾ ڏوھارين جو مڪمل راڄ قائم آھي۔ اغوا ڌاڙا ڦرون روز جو معمول بڻيل آھي نه ڏينھن جو محفوظ آھيون نه رات جو سفر ڪري سگھون ٿا۔ وڃون ته ڪيڏانھن وڃون۔ ڪوبه تدارڪ نٿو ٿئي مجبورن روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪرڻو پوي ٿو۔ واضع رھي ته ٽي ڏينھن اڳ ڇھ اڻ ڄاتل ھٿياربندن مئن انڊس ھا۽ وي تي سکر کان سوات ويندڙ مزدا کي گوليون ھڻي مزدا جي ڪلينر پيربخش شيخ کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا ھئا ۽ گوليون لڳڻ سبب ڊرائيور گلبھار اوڳاھي ۽ خادم لاشاري کي مرڻينگ ڪري ويا ھئا۔ ھوڏانھن ڌرڻو ٽي ڪلاڪ جاري رھيو جنھن بعد ايس ايس پي ڪشمور جي پي ايس او جاويد عالم ابڙو ۽ ايس ايڇ او غوثپور اختيار ناريجو واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن کان وڌيڪ ٽن ڏينھن جي مھلت ورتي جنھن خاطري بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪيو۔۔