ڪراچي (ويب ڊيسڪ): موسميات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم نذير ضيغم خبردار ڪيو آهي ته 7 مئي کان شهر ۾ هڪ ٻي هيٽ ويو جي لهر اچڻ جو امڪان آهي۔
تفصيل موجب شهر ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي ۽ اڄ گرمي پد ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته اڄ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته سڀاڻي کان ٿوري گهٽتائي متوقع آهي ۽ گرمي پد 38 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي۔
موسميات کاتي موجب گرمي جو هي سلسلو اڃا ختم ناهي ٿيو ۽ سنڌ جي ٻين علائقن وانگر ڪراچي ۾ به 7 مئي کان ٻيهر هيٽ ويو اچي سگهي ٿي، جيڪا شهرين لاءِ وڌيڪ تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔
پيشنگوئي موجب 13 مئي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گرمي ۾ واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب مئي جي وچ ۾ به سخت گرمي جاري رهندي۔
ماهرن شهرين کي صلاح ڏني آهي ته سخت گرمي دوران غير ضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، پاڻي ۽ او آر ايس جو وڌيڪ استعمال ڪن، مٿو ڍڪي رکن ۽ هلڪا رنگ وارا ڪپڙا پائين ته جيئن هيٽ اسٽروڪ کان بچي سگهجي۔
