ڪراچي ۾ عيدالاضحيٰ لاءِ مويشي منڊيون قائم ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): عيدالاضحيٰ جي آمد کي نظر ۾ رکندي شهر ۾ مويشي منڊيون قائم ڪرڻ لاءِ باقاعده اجازت نامو جاري ڪيو ويو آهي۔
تفصيل موجب بلديه عظمى ڪراچي کي شهر اندر پنج مختلف هنڌن تي مويشي منڊيون لڳائڻ جي اجازت ملي وئي آهي۔ اها اجازت ڪمشنر ڪراچي آفيس طرفان جاري ڪئي وئي آهي۔
مويشي منڊين جا هنڌ:

اتوار بازار، سيڪٽر 11-D، نارٿ ڪراچي

ڪي ايم سي گرائونڊ، سفاري پارڪ

گلستانِ جوهر، بلاڪ 5 ۽ 6

بڪرا پڙي، لياري

ڪورنگي ۾ اٽڪ پيٽرول پمپ ڀرسان پلاٽ

ڪمشنر ڪراچي طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ مجموعي طور 21 هنڌن تي مويشي منڊيون قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ڊي سي آفيس، بلديه عظمى ڪراچي ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز به شامل آهن۔
واضح رهي ته بلديه عظمى ڪراچي اڳ ۾ 11 هنڌن تي مويشي منڊيون قائم ڪرڻ جي اجازت لاءِ درخواست ڏني هئي، جنهن بعد هاڻي باقاعده منظوري جاري ڪئي وئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو