پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد ۽ سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي مبينه آڊيو ليڪ

اسلام آباد: سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد جي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪنهن آرڊر تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. سي سي پي او ياسمين راشد کي يقين ڏياريو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسان جا ماڻهو ويٺل آهن.رپورٽ موجب سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ ياسمين راشد جي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ اسلام عليڪم کان پوءِ ياسمين راشد غلام محمد ڊوگر کان سپريم ڪورٽ جي ڪنهن آرڊر جاري ٿيڻ جو پڇي ٿي؟ جواب ۾ سي سي پي او غلام محمود چوي ٿو ته آرڊر اڃان تائين جاري ناهي ٿيو.ڳالهين مان اهو ظاهر نه پيو ٿئي ته ٻنهي وچ ۾ ڪهڙي ڪيس جي آرڊر جي حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن. آڊيو ۾ ياسمين راشد پڇيو ته هنن جو ڇا ارادو آهي جنهن تي غلام محمود ڊوگر کيس يقين ڏياريندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اسان جا ماڻهو ويٺل آهن جيئن ئي آرڊر ٿيندو اسان کي ملي ويندو. جج صاحب روزاني جاري ٿيندڙ ڊاڪ تي صحيحون ڪندا آهن ۽ اهي صحيحون عدالتي وقت ۾ نه پر عدالتي وقت کان پوءِ ٿينديون آهن.ياسمين راشد سي سي پي او کي پارٽي چيئرمين عمران خان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته خان صاحب ڪافي ڳڻتي ۾ مبتلا آهي جنهن تي سي سي پي او چيو ته رات جو ڊاڪ صحيحون ٿيڻ کان پوءِ ملي ويندي. ياسمين راشد پڇاڻو ڪيو ته ائين ئي پڇي رهي آهيان ته اڄ اسان جي رات خاموشي سان گذري ويندي؟ جنهن کان پوءِ هن ٽهڪ ڏنو. جنهن تي سي سي پي او يقين ڏياريو ته الله پنهنجو ڪرم ڪندو.