تهران: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي منصوبي ‘پروجيڪٽ فريڊم’ تي سخت تنقيد ڪندي ان کي ‘پروجيڪٽ ڊيڊ لاڪ’ قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔سوشل ميڊيا پليٽفارم X تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آبنائے ہرمز ۾ پيش آيل واقعا واضح ڪن ٿا ته ڪنهن به سياسي بحران جو فوجي حل ممڪن ناهي۔هن چيو ته پاڪستان جي ايماندار ڪوششن سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، تنهنڪري آمريڪا کي گهرجي ته هو بدنيتي رکندڙ عنصرن سبب ٻيهر ڪنهن بحران ۾ نه ڦاسي۔ايراني وزير وڌيڪ چيو ته علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي متحدہ عرب امارات کي به احتياط ڪرڻ گهرجي۔
هن چيو ته ‘پروجيڪٽ فريڊم’ حقيقت ۾ ‘پروجيڪٽ ڊيڊ لاڪ’ آهي، جيڪو پاڪستان جي ثالثي سان هلندڙ ڪامياب ڳالهين کي ٻيهر تعطل ۾ وجهي سگهي ٿو۔
