چين ۾ روبوٽ ٽريفڪ پوليس مقرر، انساني اهلڪارن جي جاءِ تي ڊيوٽي

ہانگژو: چين جي اوڀر صوبي ژی جیانگ جي شهر هانگژو ۾ روبوٽ ٽريفڪ پوليس مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي هاڻي انساني اهلڪارن جي جاءِ تي پنهنجا فرض انجام ڏيندا۔بين الاقوامي ميڊيا موجب يَوم مئي جي پنج ڏينهن واري موڪلن دوران سياحن جي سهولت ۽ ٽريفڪ ڪنٽرول لاءِ اسمارٽ روبوٽس مقرر ڪيا ويا آهن۔اهي جديد روبوٽ مقامي ٽريفڪ نظام سان ڳنڍيل آهن ۽ ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ سان گڏ قانونن جي ڀڃڪڙي جي نشاندهي به ڪن ٿا۔رپورٽن موجب اه روبوٽ سائيڪل سوارن طرفان اسٽاپ لائن ڪراس ڪرڻ ۽ هيلمٽ نه پائڻ جهڙين خلاف ورزين جي سڃاڻپ ڪن ٿا، جڏهن ته مصروف روڊن تي گشت پڻ ڪن ٿا۔حڪامن جو چوڻ آهي ته هن جديد ٽيڪنالاجي سان انساني اهلڪارن تي ڪم جو بار گهٽ ٿيندو ۽ ڪارڪردگي ۾ به بهتري ايندي۔

پنھنجي راءِ لکو