وزيراعظم پنهنجو گهر اسڪيم تحت هينئر تائين وصول ٿيل درخواستن ۽ منظور ٿيل ڪيسن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن۔
قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي براءِ خزانه جو اجلاس سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ سيڪريٽري هائوسنگ پڻ شريڪ ٿيا۔ اجلاس ۾ وزيراعظم هائوسنگ اسڪيم بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت عوام کي پنهنجي گنجائش مطابق رليف فراهم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش جاري آهي۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ کان مثبت فيصلو سامهون ايندو۔
سيڪريٽري هائوسنگ محمد محمود بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اها پاليسي هائوسنگ فنانس جي بحالي لاءِ متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن تحت هڪ ڪروڙ روپين تائين قرض فراهم ڪيو ويندو۔ اها سهولت 10 مرلا تائين جي پلاٽن لاءِ دستياب هوندي۔
هن ٻڌايو ته قرض تي پهرين 10 سالن لاءِ 5 سيڪڙو مارڪ اپ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کان پوءِ مارڪيٽ ريٽ لاڳو ٿيندو۔
سيڪريٽري هائوسنگ موجب 30 اپريل تائين پورٽل تي مجموعي طور 25 هزار 304 درخواستون وصول ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته هينئر تائين 8 هزار 990 درخواستن جي منظوري ڏني وئي آهي۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته منصوبي لاءِ هينئر تائين 37 ارب 15 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته هڪ ارب 80 ڪروڙ روپيه جاري پڻ ڪيا ويا آهن۔
حڪام موجب ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته دستاويزن ۽ تصديق جو عمل وڌيڪ آسان ۽ تيز بڻايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ شهري هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪري سگهن
