ٹنڈو محمد خان ۾ غربت کان تنگ هڪ ماءُ پنهنجي ٻن ٻارن سميت واهه ۾ ٽپو ڏئي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو، جنهن بعد علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي۔اطلاعن موجب واقعي جي خبر ملندي ئي پوليس، غوطه خور ۽ وڏي انگ ۾ مقامي ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا۔ غوطه خورن ڳولا بعد عورت ۽ ٻنهي ٻارن جا لاش واهه مان ڪڍي ورتا۔ذريعن موجب لاشن کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ فوري طور ايمبولينس موجود نه هئي، جنهن سبب عورت جو لاش گاھه واري گاڏي ۾ جڏهن ته ٻارن جا لاش مقامي ماڻهن رڪشي ذريعي اسپتال پهچايا۔ريسڪيو 1122 اختيارين موجب ٽنڊو محمد خان ۾ سندن مستقل ايمبولينس سروس موجود ناهي ۽ ضرورت پوڻ تي حیدرآباد مان ايمبولينس گهرائي ويندي آهي۔اسپتال انتظاميا مطابق فوت ٿيلن ۾ هڪ عورت، هڪ نينگري ۽ هڪ نينگر شامل آهن، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
