آصف زرداري تي الزام: شيخ رشيد مٿان 2 مارچ تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 2 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تي عمران خان جي قتل جي سازش جي الزامن بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ڇنڇر 18 فيبروري تي اسلام آباد ۾ ٿي.عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي جوڊيشل مئجسٽريٽ عمر شبير شيخ رشيد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران اسلام آباد پوليس طرفان ڪيس جو چالان پيش ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران شيخ رشيد عدالت کان استدعا ڪئي ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو آهي. 16 مارچ جي تاريخ ڏئي ڇڏيو. عدالت شيخ رشيد جي استدعا رد ڪندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جا آرڊرز آهن. چالان اچي ويو آهي ان لاءِ ڊگهي تاريخ نٿا ڏئي سگهون. ٽرائل شروع ٿي وڃي پوءِ ڏسنداسين.شيخ رشيد احمد عدالت ۾ آبپاره ٿاڻي جي اسٽيشن هائوس آفيسر(ايس ايڇ او) خلاف قانوني ڪارروائي جي درخواست پيش ڪئي پر جوڊيشل ميجسٽريٽ ايس ايڇ او جي خلاف داخل ٿيل ڪيس جي درخواست اهو چوندي واپس ڪري ڇڏي ته اها درخواست سيشن جج جي عدالت ۾ جمع ڪرايو منهنجي اختيار ۾ نه آهي.