ڀارتي فلم اسٽار وجي ٿلاپتي تامل ناڊو جو نئون وزيراعليٰ بڻجي ويو

چنائي (ويب ڊيسڪ): ڀارتي فلم انڊسٽري جي اڳوڻي سپر اسٽار Vijay ڀارتي رياست Tamil Nadu جي نئين وزيراعليٰ طور پنهنجي عهدي جو باضابطه حلف کڻي ورتو آهي۔حلف برداري جي پروقار تقريب چنائي جي نهرو اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مداحن، سياسي اڳواڻن ۽ مختلف جماعتن جي نمائندن شرڪت ڪئي۔ وجي ٿلاپتي پنهنجي سياسي جماعت Tamilaga Vettri Kazhagam جي ڪاميابي بعد وزيراعليٰ جي عهدي جو حلف کنيو۔رپورٽن موجب وجي جي جماعت رياستي چونڊن ۾ 234 مان 108 سيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل اڪثريت ڪانگريس، سي پي آءِ، سي پي ايم ۽ انڊين يونين مسلم ليگ سميت اتحادي جماعتن جي حمايت سان مڪمل ٿي۔رپورٽن مطابق وجي گذريل ڏينهن گورنر Rajendra Vishwanath Arlekar سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد کيس حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني وئي۔ گورنر نئين چونڊيل وزيراعليٰ کي 13 مئي تائين اسيمبلي ۾ پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔وجي جي اها ڪاميابي تاريخي قرار ڏني پئي وڃي، ڇو ته هن پنهنجي سياسي جماعت صرف فيبروري 2024 ۾ قائم ڪئي هئي ۽ پهرين ئي چونڊ ۾ روايتي سياسي جماعتن کي سخت مقابلو ڏنو۔ياد رهي ته وجي ٿلاپتي پنهنجي فلمي ڪيريئر جي عروج تي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پنهنجي مهم دوران بيروزگاري، ڪرپشن ۽ سماجي مسئلن کي اهم موضوع بڻايو هو۔

پنھنجي راءِ لکو