سي سي پي او لاهور جي بحالي بعد شفاف چونڊون ممڪن آهن يا نه؟ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس طلب

اسلام آباد: سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگرجي بحالي کانپوءِ شفاف چونڊون ممڪن آهن يا نه، ان حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي بدلي ۽ وفاقي حڪومت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو هو.سپريم ڪورٽ طرفان بدلي جو نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ بعد غلام محمود ڊوگر سي سي پي او جي عهدي تي بحال ٿي ويون آهي.سي سي پي او لاهور محمود ڊوگر جي بحالي بعد شفاف چونڊون ممڪن آهن يا نه؟ ان صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ايندڙ اڱاري تي اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي.چيف اليڪشن طرفان طلب ڪيل اجلاس ۾ غلام محمود ڊوگر جي بحالي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.