اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن ۽ هدفن موجب بجلي جي ٽن ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ڪابينا ڪميٽي براءِ نجڪاري جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاور سيڪٽر جي اهم معاملن جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس دوران آئيسڪو، گيپڪو ۽ فيسڪو جي نجڪاري بابت معاملن تي غور ڪيو ويو۔
اعلاميي موجب ڊسڪوز جي نجڪاري جو مقصد بجلي جي ورڇ واري نظام ۾ ڪارڪردگي ۽ مالي استحڪام بهتر بڻائڻ آهي۔ ڪميٽي ٽنهي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي مالي ڍانچي جي به منظوري ڏئي ڇڏي۔
ڪابينا ڪميٽي فيصلو ڪيو ته هر ڊسڪو ۾ 51 سيڪڙو کان 100 سيڪڙو تائين شيئر ڪيپيٽل جي مڪمل وڪري جي آڇ ڪئي ويندي۔ آئيسڪو، فيسڪو ۽ گيپڪو جي شيئرز سان گڏ مينيجمينٽ ڪنٽرول پڻ نجي شعبي حوالي ڪيو ويندو، جنهن جي آخري منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي۔
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڊسڪوز جا انتظامي اختيار نجي شعبي حوالي ڪرڻ سان بجلي جي فراهمي وڌيڪ مؤثر ۽ قابل اعتماد بڻائي سگهبي۔ هن چيو ته حڪومت جو مقصد ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ نجي شعبي جي ماهر خدمتن مان فائدو وٺڻ آهي۔
