پاڪستان جي امير ماڻهن کان وڌ ۾ وڌ ٽيڪس وصول ڪيو وڃي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد:عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ امير طبقي کان وڌ کان وڌ ٽيڪس وصول ڪرڻ ۽ سبسڊيز ختم ڪرڻ تي زور ڏئي ڇڏيو آهي.آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جاريجوا جرمن اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ سٺو ڪمائيندڙن کي پنهنجو حصو وجهڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ امير ماڻهن کي سبسڊيز ۾ ڇوٽ نه ڏيڻ گهرجي. سبسڊي صرف ان ماڻهن ڏانهن منتقل ڪئي وڃي جنهن جي انهن کي ضرورت آهي.ايم ڊي وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو موقف صاف ظاهر آهي ته سبسڊي مان صرف غريبن کي فائدو کڻڻ گهرجي. اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي غريب عوام کي تحفظ ڏنو وڃي. پاڪستان کي قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ نه پر ملڪ هلائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.ڪرسٽالينا جارجيوا وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان تي ڏک پهتو آهي. ٻوڏ سبب پاڪستان جي وڏي آبادي متاثر ٿي آهي.