برقعي ۾ ڀتو پرچيون ورهائيندڙ خطرناڪ ڀتوخور گرفتار

Karachi جي علائقي نيو ڪراچي ۾ Sindh Rangers ۽ ايس آءِ يو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي انتهائي مطلوب ڀتوخور زاهد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي۔

رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدار وٽان غير قانوني هٿيار ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن۔ جوابدار شهر جي مختلف علائقن ۾ ڀتوخوري جي سنگين وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي۔

حڪام موجب ملزم ۽ سندس ساٿين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان بچڻ لاءِ هڪ عورت کي به پنهنجي گروهه ۾ شامل ڪيو هو، جيڪا برقعو پائي واپارين ۽ بئڪري مالڪن تائين ڀتي جون پرچيون پهچائيندي هئي ته جيئن ڪنهن کي شڪ نه پوي۔

ترجمان جو چوڻ آهي ته نيو ڪراچي جي ڪيترن ئي واپارين کي تازو ڀتي جون پرچيون ڏنيون ويون هيون، جن جون سي سي ٽي وي وڊيوز پڻ سامهون اچي چڪيون آهن۔رينجرز موجب گرفتار جوابدار جي ٻين فرار ساٿين جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته ملزم کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ايس آءِ يو پوليس حوالي ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو