راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري، کيس اهڙو جواب ڏينداسين جيڪو هنن سوچيو به نه هوندو.راولپنڊي ۾ مسلم ليگ(ن) جي تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب دوران راڻا ثناءُالله چيو ته ڪنوينشن چونڊون وڙهڻ لاءِ منعقد ڪيو ويو آهي. مسلم ليگ(ن) چاهي ٿي ته چونڊون شفاف ٿين.وفاقي وزير چيو ته شيدو ٽلي چوي ٿو ته (ن) ليگ چونڊن کان ڀڄي رهي آهي. پنڊي جا شيطان ڏسن پنڊال (ن) ليگ جي ورڪرز سان ڀريل آهي راولپنڊي جي ٻنهي سيٽن تان پنڊي جي شيطان کي شڪست ڏينداسين.راڻا ثناءُالله چيو ته جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪندڙ بنڪر ۾ لڪي ويٺل آهي. توهان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪريو ان جو اوهان کي اهڙو جواب ڏينداسين جيڪو اوهان سوچيو به نه هوندو.(ن) ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو هو جدوجهد ڪري رهيو آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ڪري عمران خان جي پوئينرن جي سازش کي ناڪام بنائينداسين.