قومي عوامي تحريڪ جي برادر محاذ سنڌي ھندو سڄاڳ تحريڪ طرفان ڪنڌڪوٽ ۾ ھر روز ھندو نياڻين سميت شھر واسين کان ڦر ڪرڻ واري واقعن خلاف پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ آڏو سجاد بروھي سنجي ڪمار لنڊ وڪاش ڪمار سشيل ڪمار سچديو اڀيمنيون آريا شاھ علي سھرياڻي امداد کوسو ڪرتار لعل ڏاواڻي چندر لعل نولاڻي گھنشام داس راج کنا تلسيداس جاني مل درپن ڪمار رامچند آريا پرتاب راء ديوان لعل ماڙوائي رميش لعل بيور گولو شوم پارپياڻي برڪت کوسو اندر لعل باگڙي مصطفا اوڳاھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو مظاھرين ڪنڌڪوٽ شھر واسين ۽ ھندو نياڻين کان روز جي ڦر تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھا ئيندي چيو تـ اسان سمجھون ٿا تـ پوليس جي ڪارڪردگي زيرو آھي شھر ۾ پوليس جو گشت نظر نـ اچي ٿو ضلعي جو امن امان سواليا نشان بڻيل آھي حد آھي تـ کوسا برادري جون نياڻيون اغوا آھن ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ھر روز ھندو نياڻين سميت شھر وارا ڦورون کان محفوظ نـ آھن SSP کان مطالبو آھي تـ فلفور اسٽريٽ ڪرائيم سميت ضلعي جي مجموعي امن بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو