داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سائٽ تان سنڌو درياءَ جو رخ موڙيو ويو

پشاور: خيبرپختونخواهه ضلعي ۽ اپر ڪوهستان ۾ تعمير هيٺ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو.واپڊا جي ترجمان موجب داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سائيٽ تي سنڌو درياهه جو رخ موڙيو ويو آهي، سنڌو درياهه هاڻي پروجيڪٽ سائيٽ تي قدرتي گذر گاهه بدران ڊائيورشن سرنگھه مان گذري رهيو آهي واپڊا ترجمان موجب درياهه جو رخ موڙڻ کانپوءِ عارضي بند تي تعميراتي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن، عارضي بند مڪمل ٿيڻ کانپوءِ داسو منصوبي جي مکيه بند جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو واپڊا ترجمان موجب منصوبي جي پهرين مرحلي مان بجلي جي پيداوار 2026ع ۾ شروع ٿيندي 4 هزار 320 ميگاواٽ جو داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ٻئي مرحلي ۾ مڪمل ڪيو پيو وڃي.واپڊا جي ترجمان موجب پراجيڪٽ جي تعمير هيٺ ٻئين ڊائيورزن ٽنل به اپريل تائين مڪمل ٿي ويندي. هاءِ فلوسيزن دوران سنڌو درياءَ جو پاڻي ٻنهي ڊائيورزن مان گذر ڪندو.