گهر ۾ ڏهي مان مکڻ ٺاهڻ هڪ پراڻو ۽ روايتي طريقو آهي، پر گهڻيون عورتون شڪايت ڪنديون آهن ته سندن تيار ڪيل مکڻ بازار جهڙو اڇو، نرم ۽ داڻيدار نٿو بڻجي۔ ڪڏهن ڪڏهن هن عمل ۾ گهڻو وقت ۽ محنت به لڳندي آهي۔
هاڻي سوشل ميڊيا تي هڪ ڀارتي خاتون شيف ڏهي مان مکڻ ڪڍڻ جي هڪ آسان ۽ اثرائتي ترڪيب شيئر ڪئي آهي، جنهن جي مدد سان ڪجهه منٽن ۾ بهترين معيار جو مکڻ تيار ڪري سگهجي ٿو۔
خاتون شيف موجب وڌيڪ ۽ سٺو مکڻ حاصل ڪرڻ لاءِ گاڙهو ۽ هلڪو کٽو ڏهي استعمال ڪرڻ گهرجي۔ فريج ۾ رکيل ٿڌو ڏهي ان مقصد لاءِ وڌيڪ موزون هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان مکڻ بهتر نموني ڄمي ويندو آهي۔مکڻ ٺاهڻ لاءِ ٻه کان ٽي پيالا ڏهي هڪ اونهي ٿانوَ ۾ وجهي هينڊ وِسڪ، بلينڊر يا وڏي چمچي سان هڪ ئي رخ ۾ لڳاتار ڦيٽيو ويندو آهي۔ ڪجهه منٽن کان پوءِ ڏهي جي بناوت هلڪي ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي۔ان دوران آهستي آهستي برف ملايل ٿڌو پاڻي شامل ڪيو ويندو آهي، جيڪو ڏهي ۾ موجود چرٻي کي مضبوط ڪري مکڻ کي الڳ ٿيڻ ۾ مدد ڏيندو آهي۔ نتيجي ۾ مکڻ مٿان گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي۔جڏهن مکڻ مڪمل طور الڳ ٿي وڃي ته ان کي احتياط سان ڪڍي ٻه کان ٽي ڀيرا ٿڌي پاڻي سان ڌوئڻ گهرجي۔ ان سان مکڻ جي کٽاس گهٽجي ويندي آهي ۽ ان جي تازگي، نرمي ۽ محفوظ رهڻ جو عرصو وڌي ويندو آهي۔