سائنسدانن 5,500 سال پراڻي طاعون جي سڀ کان قديم وبا جو پتو لڳائي ورتو

سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا جي سڀ کان پراڻي ڄاتل طاعون (پليگ) جي وبا لڳ ڀڳ 5 هزار 500 سال اڳ سائبييريا جي بائيڪال ڍنڍ واري علائقي ۾ پکڙجي هئي، جنهن جو شڪار وڏي انگ ۾ ٻار ۽ نوجوان بڻيا هئا.پرڏيهي ميڊيا ۽ سائنسي تحقيق موجب تاريخ ۾ طاعون جون ٻه وڏيون وبائون، “پليگ آف جسٽينين” ۽ “بليڪ ڊيٿ”، لکين ماڻهن جي موت جو سبب بڻيون. پر نئين تحقيق هن خطرناڪ بيماري جي تاريخ کي هزارين سال وڌيڪ پوئتي کڻي وئي آهي.سائنسي جريدو Nature ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب ماهرن بائيڪال ڍنڍ ڀرسان موجود قديم قبرستانن مان مليل انساني باقيات جي ڊي اين اي جو جائزو ورتو، جنهن مان Yersinia pestis نالي بيڪٽيريا جا سڀ کان پراڻا ثبوت مليا.تحقيق دوران 46 انساني باقيات جو جائزو ورتو ويو، جن مان 18 ماڻهن ۾ طاعون جا آثار مليا. ماهرن موجب متاثر ٿيندڙن ۾ ٻارن ۽ گهٽ عمر وارن جو انگ وڌيڪ هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وبا وڏي پيماني تي پکڙيل هئي.محققن جو چوڻ آهي ته ان دور ۾ هي جراثيم چوهڙن ذريعي انسانن تائين منتقل ٿيندا هئا، جڏهن ته بعد ۾ جانورن ذريعي به انسانن ۾ پکڙيا. ماهرن موجب قديم طاعون ۾ اهڙيون جينياتي خاصيتون موجود هيون جيڪي بعد وارين وبائن ۾ نه مليون، جنهن سبب ٻارن ۾ شديد سوزش ۽ ٻيون پيچيدگيون پيدا ٿينديون هيون.تحقيق جي سينيئر مصنف Eske Willerslev موجب هي دريافت طاعون جي شروعات ۽ انساني تاريخ تي ان جي اثرن بابت موجود خيالن کي تبديل ڪري سگهي ٿي۔