ڪراچي ۾ اين سي سي آءِ اي غير قانوني ۽ جعلي ڪال سينٽرن خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي مجموعي طور 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان موجب هڪ ڇاپو پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 2 ۾ قائم جعلي بينڪ ڪال سينٽر تي هنيو ويو، جتان ليپ ٽاپ، موبائل فون ۽ فراڊ ۾ استعمال ٿيندڙ سافٽ ويئر هٿ ڪيو ويو.جاچ دوران معلوم ٿيو ته جوابدار پاڻ کي پرڏيهي بينڪن جا ملازم ظاهر ڪري شهرين کان حساس معلومات حاصل ڪندا هئا. ڪارروائي دوران هزارين پرڏيهي شهرين جا بينڪنگ رڪارڊ، سوشل سيڪيورٽي نمبر ۽ ٻيو اهم ڊيٽا پڻ هٿ آيو. واقعي جو ڪيس داخل ڪري ضبط ڪيل ڊجيٽل اوزار فرانزڪ جاچ لاءِ موڪليا ويا آهن.ٻي ڪارروائي ڊي ايڇ اي فيز 8 جي ذوالفقار ڪمرشل علائقي ۾ ڪئي وئي، جتي مرڪزي جوابدار سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. اختيارين موجب جوابدار اسپوفنگ ذريعي پاڻ کي پرڏيهي بينڪن جا نمائندا ظاهر ڪري ماڻهن کي دوکو ڏيندا هئا. هٿ آيل ثبوتن جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي
